ديو گري

ديو گري (راڳڻي): بلاول ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي. هي بلاول جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ڪلياڻ ٺاٺ جا ڪجهه انگ رکيل آهن. هن راڳڻيءَ ۾ وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر پنچم ٿئي ٿو، پر ڪن گرنٿن ۾ امروهي ۾ ڌيوت ۽ گنڌار ڪو نه ٿئي. ڪنهن ڪنهن وقت ڳائڻ وارا ٿوري تيور مڌم جي مرڪ ڏيندا آهن، بلاول ٺاٺ جي راڳن ۾ اها خوبي آهي ته امروهيءَ ۾ هميشه بلاول جي صورت واضح ٿئي ٿي، جيڪڏهن مڌم تيور هن ۾ زياده لڳايووڃي ته هي راڳ يمني بلاول جو ڏيک ڏيندو. رات جي ڳائڻ وارا راڳ گهڻو ڪري آروهيءَ ۾ ظاهر ٿيندا آهن ۽ ڏينهن جي ڳائڻ وارا راڳ امروهيءَ ڪن پنڊتن ديوگريءَ ۾ پنچم کي ورج ليکيو آهي، پر ’لڪش سنگيت‘ جو ليکڪ ان کي سٺو نٿو سمجهي.
هن جي آروهي: سا ني ڌي ني ڌي سا ري گي- گي ما گي- پا ڌي ني ڌي سَا ۽ امروهي: ساني ڌي ني پا ما گي ماري سا آهي. هن جي چال سا- ڌي سا – ري گي- ما ري سا، ۽ وادي سُر؛ کرج (سا) ۽ سموادي : پنچم آهي. جڏهن ته هن جي ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پهر آهي، پر راڳ ساگر جي ليکڪ هن جي ڳائڻ جو وقت صبح ٻڌايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو